بلوچستان جو اڳوڻو وزير ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي ويو

news

ڪوئٽه: (سومر 08 جون 2020ع)  اڳوڻو صوبائي وزير سردار در محمد ناصر ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي ويو.

سردار در محمد ناصر جي خانداني ذريعن موجب اڳوڻو صوبائي وزير بيماري کان پوءِ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي هو صحتياب نه ٿي سگهيو.

ذريعن موجب سردار در محمد ناصر جي تدفين سندس اباڻي علائقي دڪي لائي ۾ ڪئي ويندي. 

بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سردار در محمد ناصر جي فوت ٿي وڃڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سردار در محمد ناصر اصول پرست سياستدان ۽ نفيس انسان هو. الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه  عطا فرمائي.