news
نوابشاھ

نواب شاهه: سنڌو درياءَ تي ڊيم اڏڻ خلاف يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي علامتي بک هڙتال

نوابشاهه(رپورٽ:فدا چانڊيو) سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ واري عمل خلاف يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي نوابشاهه ۾ به علامتي بک هڙتال ڪري هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه تي پُڇڙي ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جو حق آهي ليڪن ماضي جي ويساهه گهاتين مان ثابت ٿيو آهي ته هڪ وڏو صوبو صرف پنهنجون زمينون آباد ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جو پاڻي زبردستي کڻي رهيو آهي ۽ انهي وقت ۾ به جيڪي معاعدا  ڪيا ويا انهيءَ جي به ڀنڃڪڙي ڪئي وئي.

 هن چيو ته سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ سان سنڌي ماڻهن کان خودڪشيون ڪرائڻ جي هڪ سازش آهي جنهن سان لکين ايڪڙ زرعي زمين بنجر ٿيڻ سان گڏ فصل تباهه ٿي ويندا ۽ سنڌ ۾ زرعي تباهي ايندي.

ھنن چيو ته اسان مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم نه ٺاهيو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪو به ڊيم ٺاهيو ويو ته پوءِ پنجاب ڏي ويندڙ روڊ رستا سڀ بلاڪ ٿي ويندا.

 بک هڙتال ڪيمپ تي سڪرنڊ، قاضي احمد، ڄام صاحب ۽ نوابشاهه تعلقي جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ نوجوانن سميت حمز علي چانڊيو، سيد مسعود شاهه، تبسم ملاح، فاروق ڏاهري، جي ايم ڌئونرو، عالم ڪيريو، شڪيل لکمير، عالم ڪيريو، مورڙو ميربحر، راڻو جلباڻي، عارف خاصخيلي دوست ڪيريو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.