شهدادپور لڳ هالا روڊ تي نامعلوم گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

news

شھدادپور(رپورٽ::سيفل عباس ساند) شھدادپورلڳ ھالا روڊ تي نامعلوم تيز رفتارگاڏي جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ احمد خان آهپن جو رهواسي درڳيو ڀيل حيدرآباد جي ايل ايم يو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

 درڳيو ڀيل کي زخمي حالت ۾ سمس اسپتال شهدادپور آندو ويو جتي طبي امدا ڏيڻ کان پوءِ کيس ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو ھو.