لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي جيلر سميت اٺ قيدين جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي

news

لاڙڪاڻو(رپورٽ:ظهير احمد) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي جيلر سميت 8 قيدين جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي. 

ان سلسلي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ صحت کاتي جي ٽيم طرفان لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي جيلر اقبال نوناري، جيل جي ملازمن ۽ قيدين سميت 77 ڄڻڻ جا ڪورونا ٽيسٽ لاءِ سيمپل وٺي ليباريٽري اماڻي ڇڏيا هئا جن مان ڪالهه لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي جيلر اقبال نوناري سميت 8 قيدين جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو ۽ 38 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ نيگيٽو آئي جڏهن ته 31 ڄڻن جا نتيجا نه ملي سگهيا آهن. 

پازيٽو آيل جيلر پنهنجي گهر ۾ آئسوليٽ ٿي ويو آهي ۽ متاثر قيدين کي جيل اندر ئي قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي جتي سندن علاج پڻ جاري آهي.