مورو: پوليس طرفان ڪجهه وقت اڳ ڦر جي واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

news

مورو(رپورٽ:وحيد مستوئي) شھر جي دادو روڊ تي ڪجھ مھينا اڳ ٿيل ٽيلينار فرنچائيز جي ڦر واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس ھٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي مٿن مورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي.

 ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او مورو عبدالمنعيم لاڙڪ ٻڌايو تہ اسان کي گشت دوران مڪرياري لنڪ روڊ تي اطلاع مليو تہ ڏوھاري ڏوھ جي ارادي سان بيٺل آھي جتي پھچڻ دوران مقابلو ٿي پيو ۽ ٻن ڏوھارين کي ھٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو جن ۾ سميع الله ولد ريٽائرڊ پوليس آفيسر ھدايت الله ملڪ ۽ ممتاز ولد پير بخش سومرو آھي جيڪي ويٺل مورو شھر جي ملڪ ڪالوني جا آھن.


 ھن چيو تہ گرفتار ڪيل جوابدار 4 مھينا اڳ شاھنواز سولنگي جي ٽيلينار فرنچائيز آفيس دادو روڊ مورو تان ڦر جي واردات ۾ پڻ ملوث آھن جن پاڻ اعتراف ڪندي ٻڌايو آھي تہ اسان فرنچائيز تان ڦر ڪرڻ سان گڏ ٻيا بہ ڏوھ ڪيا آھن ۽ اسان سان ٻيا به ساٿي غلام نبي گاڏھي جيڪو ويٺل خيرپور ناٿن شاھ ۽ علي رضا کوسو گڏ ھيا جن کان وڌيڪ جانچ ڪئي ويندي ۽ ٻين ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽھڙي م آڻي سزا ڏياري ويندي. جڏھن تہ گرفتار جوابدارن مٿان مورو ٿاڻي تي پوليس مقابلي ۽ 13 ڊي جا ٻہ الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.