جوهي لڳ ڳوٺ ساوڙو ۾ رودناڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻه زخمي

news

جوهي(رپورٽ:مشتاق رودناڻي) جوهي لڳ ڳوٺ ساوڙو ۾ رودناڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تائين جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺيون، سروٽا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 2 ڄڻا محمد حسن ولد عثمان رودناڻي ۽ باقر ولد پيربخش رودناڻي شديد زخمي ٿي پيا آهن.

 زخمين کي تعلقه اسپتال جوهي آندو ويو جتان کين دادو منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب ڌُرين وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿيو آهي, آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.