اوڏيرولال لڳ ڇهين ڪلاس جي شاگرد سان ڏاڍائي جي ڪوشش، وڊيو وائرل، جوابدار گرفتار

news

اڏيرولال: اوڏيرولال وليج ٿاڻي جي حد ڳوٺ بهريون جي رهواسي ڇهين ڪلاس جي شاگرد ذاڪر ولد ساجن خاصخيلي سان ڳوٺ جي اوباش قسم جي ڇوڪرن شاهنواز درس ۽ عرفان جهيجو زبردستي لڄالٽ جي ڪوشش ڪري ويڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ  شاگرد جي وارثن پاران اهڙي شڪايت جڏهن حد جي پوليس وٽ ڪئي وئي ته اوڏيرولال وليج جو ايس ايڇ او معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ لڄالٽ جي ڪوشش هيٺ آيل نينگر جي مائٽن کي ڌاٻا ڏيندو رهيو ته پاڻ ۾ ٺاهه ڪيو نه ته اوهان کي ميڊيڪل لاءِ 50 هزار رپيا جمع ڪرائڻا پوندا.

جڏهن ته رات 11 وڳي کان لڄالٽ جي ڪوشش هيٺ نينگر جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي عوامي دٻاءُ کان پوءِ لڄالٽ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هوڏانهن نينگر ذاڪر خاصخيلي جي والد ساجن خاصخيلي ٻڌايو ته منهنجي پٽ سان مٿي ڄاڻايل ٻنهي ڄڻن لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهڙي ڪريل حرڪت کان پوءِ نينگر جي ويڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته ويڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ اسان جي معاشري ۾ تمام گهڻي خواري ٿي آهي، هن چيو ته ڇوڪري جي دانهن تي پاڙي وارن پهچي نينگر کي بچائي ورتو، جڏهن ته اهڙي فرياد اسان اوڏيرولال وليج ٿاڻي جي ايس ايڇ او جاويد پنهور وٽ کڻي وياسين ته ايس ايڇ او ڪيس داخل ڪرائڻ بجاءِ اسان کي داٻا ڏيندو رهيو ته فيصلو ڪيو، هن چيو ته ڄاڻايل شخص جي ڀاءُ هڪ مهينو اڳ ڇهن سالن جي معصوم نينگر سان زيادتي ڪئي، جنهن کي راڄوڻي نموني سان حل ڪيو ويو، هن چيو ته منهنجي ڇوڪري سان لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ اسان کي بدنام ڪرڻ لاءِ اها ويڊيو وري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جيستائين منهنجي پٽ کي انصاف نٿو ملي آئون سڪون سان نه ويهندس. هن چيو ته ايس ايڇ او اوڏيرولال وليج اوباش قسم جي ماڻهن جو ساٿ ان ڪري ڏئي رهيو آهي جو هو طاقت وارا ماڻهو آهن ۽ هن ڪيس کي خراب ڪرڻ لاءِ ايس ايڇ او کي خريد ڪري ورتو آهي. هن سياسي سماجي ڌرين کان مطالبو ڪيو آهي ته مون سان انصاف ڪري ايس ايڇ او خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.