سڄي دنيا ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويلن جو انگ چار لک اوڻيهه هزار کان مٿي ٿي ويو

news

نيويارڪ: (خميس 11 جون 2020ع) سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيل ويلن جو انگ 4 لک 19 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 74 لک 77 هزار   903 ٿي ويو آهي.

ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 37 لک 92 هزار کان وڌيڪ آهي. سڄي دنيا ۾ ڪورونا سبب متاثر 53 هزار 888 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته 32 لک 33 هزار 772 ڄڻن جي حالت بهتر آهي. آمريڪا ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 497 مريض حياتيون وڃائي ويٺا جنهن کان پوءِ فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ هڪ لک 15 هزار کان وڌي ويو آهي.

آمريڪا ۾ 20 لک 66 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. برازيل آمريڪا کان پوءَ 6 لک کان وڌيڪ ڪورونا ڪيسن وارو ٻيو ملڪ بڻجي ويو آهي جتي گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 200 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. برازيل ۾ ڪيسن جو انگ 7 لک 75 هزار تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 39 هزار 7 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. روس ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 216 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ روس ۾ فوتين جو انگ 6 هزار 3 سئو کان مٿي ٿي ويو.

روس ۾ ڪورونا سبب متاثر ماڻهن جو انگ 4 لک 93 هزار کان وڌي ويو آهي. برطانيه ۾ ڪورونا وڌيڪ 245 ڄڻن جون حياتيون کسي ورتيون جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 41 هزار 128 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 2 لک 90 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيا آهن.  اٽلي ۾ ڪورونا وگهي فوتين جو انگ 34 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 لک 35 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن.

ڀارت ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 6 هزار 1 سئو کان وڌي ويو آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 2 لک 97 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. جرمني ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 8 هزار 8 سئو کان مٿي ٿي ويو آهي جڏهن ته گڏيل ڪيسن جو انگ هڪ لک 86 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.