ٽنڊوڄام ۾ ڏوهارين جو راڄ، ڦرون روز جو معمول، پوليس خاموش تماشائي بڻيل

news

ٽنڊوڄام(رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام ۾ ڏوهارين جو راڄ، ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون، پوليس خاموش تماشائي بڻيل، حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تان مسافرن جي روپ ۾ ڪار ڦر، خبر موجب

 ٽنڊوڄام ۽ ڀر پاسي جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڏوهارين راڄ قائم ڪري ورتو آهي، ڏوهارين پاران ڦرون ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي، ڪراچي مان ڪرائي تي ڪرايل ڪار ۾  مسافرن جي روپ ۾ سوار چئن نامعلوم هٿياربندن حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تان ٽئڪسي ڊرائيور محمد ڪليم پٽ محمد نواز کان هٿيارن جي زور تي ڪرولا ڪار نمبر 765- BJA ڦر ڪري بعد سخت تشدد جو نشانو بڻائي موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ بعد زرداري فارم وٽ ڊرائيور کي اڇلائي فرار ٿي ويا.

 گذريل ڏينهن پڻ چئن نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي سرن جي بٺي تان چار لک روپيا روڪ رقم ڦر ڪئي هئي، ٻئي پاسي ڦرون روز جو معمول بڻجڻ باوجود به پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، علائقي واسين وڌندڙ بدامني تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي اعلي' اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي.