نوابشاهه: سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي سڏ تي شاگردن پاران آن لائين ڪلاسز واري عمل خلاف احتجاج

news

نوابشاهه: سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي سڏ تي نوابشاھه جي مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن پاران آن لائين ڪلاسز وٺڻ ۽ آن لائين امتحان وٺڻ واري عمل خلاف نوابشاھه پريس ڪلب ٻاهران امجد ڏاهري، سلمان ڪيريو، غلام مصطفيٰ ڀنگوار، نواز عالماڻي، بشارت ڀٽي ۽ جهانگير زرداري ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ 80 سيڪڙو شاگرد ٻهراڙي ۾ رهن ٿا ۽ اتي انٽرنيٽ جي ڪا به سهولت ناهي ۽ ڪٿي تي وري بجلي به ناهي ۽ ڪن شاگردن وٽ اھي وسيلا به ناهن ته هو آن لائين ڪلاسز ۾ حصو وٺي سگهن ۽ نيٽ ورڪ نه هجڻ سبب اهي سخت متاثر ٿين ٿا.

هنن هائير ايجوڪيشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي پروموٽ ڪيو وڃي يا وري ايس او پيز تحت ڪلاسز شروع ڪيا وڃن ته جيئن اسان پنهنجي تعليم مڪمل ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهون.