news
نوابشاھ

نوابشاهه: ڪورونا وائرس جون ٻه سئو چوڏهن ٽيسٽون، اڻيتاليهه ڪيس پازيٽو، انگ ٽي سئو اڻهتر ٿي ويو

نوابشاهه(رپورٽ: فدا چانڊيو) نوابشاهه ۾ ڪورونا به ماڪڙ وانگر لامارا ڏئي رهيو آهي وڌيڪ 39 نوان ڪورونا وائرس جا ڪيس ظاهر هاڻي نوابشاهه ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو تعداد وڌي 369 ٿي ويو .

 انهي سلسلي ۾ نوابشاهه جي 214 ماڻهن جا سيمپل وٺي لمس جي ليبارٽري ۾ موڪليا ويا هئا جتان 39 ڪيس پازيٽو اچي ويا آهن ۽ هاڻي ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو تعداد 369 ٿي ويو آهي.