ميرپور ماٿيلو: ڳوٺ بخشو لغاري واسي نوجوان گهرو اڻبڻت تان بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

news

ميرپورماٿيلو(رپورٽ:هادي بخش جلباڻي) ميرپور ماٿيلو ڳوٺ بخشو لغاري جو رهواسي نوجوان گهرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان بندوق جا فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. 

ميرپورماٿيلو ويجھو ڳوٺ بخشو لغاري جو رھواسي نوجوان ڳوٺاڻو محمد اسمائيل پٽ عالم لغاري گھرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري خوڪشي ڪري ڇڏي ۽ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.

 اطلاع تي داد لغاري پوليس پھچي ڳوٺاڻي جو لاش سول اسپتال ميرپورماٿيلو کڻائي آئي، جتي پوسٽ مارٽم بعد فوت ٿيل نوجون جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.