سجاول: سم نالي جي صفائي نه ڪرائي وئي آهي جنهن ڪري نقصان جو خدشو آهي:اياز شاهه شيرازي

news

سجاول )رپورٽ : نديم ميمڻ (سجاول جي سم نالن جي صفائي نه ٿي سگھي، ڊرينيج کاتي سجاول جي نااھلي ۽ لاپرواهي سبب سانوڻ جي برساتن بعد سوين ڳوٺ ۽ ھزارين ايڪڙن تي مشتمل فصل ٻڏڻ جو خطرو، ايم اين اي اياز شاھ شيرازي پاران ڊرينيج کاتي سجاول جي ڪارڪردگيءَ تي ڳڻتي جو اظهار، اعليٰ اختيارين کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو.

ان سلسلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سجاول مان چونڊيل ايم اين اي اياز علي شاھ شيرازي چيو آھي تہ سجاول جي سم نالن جي حالت انتھائي خراب ٿي وئي آھي، برساتن جي موسم ويجھو اچي چڪي آھي ۽ ھن سال وڏين برساتن جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي تنھن ھوندي به ڊرينيج کاتي سجاول ڪي به اپاءَ نه ورتا آھن ۽ نه ئي ڪنھن سم نالي جي صفائي يا کاٽي ڪرائي وئي آھي جنھن ڪري ھن سال وڏي نقصان جو خدشو آھي.

ھن چيو ته برساتن کان پوءِ سجاول شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ پاڻي ڪاھي پوڻ سان ھزارين ايڪڙن تي پوکيل ساريون ۽ ٻيو فصل ٻڏي سگھي ٿو جنھن نقصان  جو ذميدار ڊرينيج کاتو سجاول ھوندو.

ھن چيو ته ڊرينيج کاتي سجاول ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آھي سم نالن جي صفائي جي نالي تي ھر سال ڪروڙين روپيه خرچ ڏيکاريا وڃن ٿا پر سرزمين تي ڪو ڪم نه ٿيل ھوندو آھي.

ھن چيو ته ڊرينيج کاتي جي ناقص ڪارڪردگي ۽ ڪرپشن جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ جانچ ڪرائي ڪرپشن ڪندڙ ڪامورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.