ٽنڊوڄام ۾ ڪورونا جو وڌيڪ هڪ ڪيس ظاهر، انگ وڌي ڇائيتاليهه ٿي ويو

news

ٽنڊوڄام(رپورٽ:مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام شهر سميت ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي.

 ٽنڊوڄام ڀرسان ڳوٺ سائينداد ڪليري ۾ 33 ورهين جي هڪ شخص کي ڪورونا جي تصديق ٿي ويئي آهي.

 ڳوٺاڻي جي طبعيت خراب ٿيڻ کانپوءِ خانگي ليبارٽري مان ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائڻ بعد ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي ويئي جڏهن ته اطلاع ملڻ بعد صحت کاتي پاران کيس سندس گهر ۾ ئي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي.

 ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 46 ٿي ويو آهي.