مبارڪپور شھر ۾ وڌيڪ چئن صحت کاتي جي ملازمن جي رپورٽ پازيٽو، ٽوٽل انگ ست ٿي ويو

news

مبارڪپور(رپورٽ:قربان علي مهر) مبارڪپور شھر ۾ 13 ملازمن جي ڪرونا جي ٽيسٽ ڪرائي وئي جنهن ۾ 4 بيسڪ هيلٿ يونٽ جي ملازمن هڪ شڪارپور واسي ڊسپنسر رياض معرفاڻي، مبارڪپور واسي ڊسپنسر مشتاق احمد چنو، ليب ٽيڪنيشن ٺل واسي جلال الدين گولو، مبارڪپور واسڻ هڪ فيميل ڊاڪٽرر سميت چئن ڄڻن جي رپورٽ پازيٽو اچي وئي آهي جنهن کي پنهنجي گهرن ۾ ئي آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي.

 مبارڪپور ۾ ٽوٽل انگ 7 ٿي ويو.

 هوڏانهن فوڪل پرسن ڊاڪٽر وقار ڏهر پاران مبارڪپور ۾ وڌنداڙ ڪيس تي مبارڪپور پوليس کي وڌيڪ لاڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.