نصيرآباد: ادارا خانگائڻ ۽ برطرفين خلاف اي ڊبليو پي جو احتجاجي مظاهرو

news

نصيرآباد(رپورٽ:انور منگي) نصيرآباد عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ ليبر سيڪريٽري ڪامريڊ سينگار نوناري، ضلعي سيڪريٽري مٺل ڪلھوڙو ۽ راجا سنڌي جي اڳواڻي ۾ عوامي ادارن جي خانگائڻ ۽ پورهيتن جي برطرفين سميت عوام دشمن بجيٽ خلاف ۽ مقرر معياري قدمن ايس او پيز تحت احتجاجي مظاهرو ٿي گذريو.

 مظاهري کي خطاب ڪندي ڪامريڊ سينگار چيو ته ههڙي وبائي دور ۾ پورهيتن کي سهولتن ڏيڻ بجاءِ اسٽيل ملز سميت سرڪاري ادارن کي خانگائڻ جو عمل سڌو سنئون پورهيت دشمني تي مبني آهي، اهو عمل سرڪار جو عوام ۽ پورهيت دشمني جو واضح مثال آهي.

 هن وڌيڪ چيو ته پيش ٿيل بجيٽ کي اسين عوام، تعليم، صحت ۽ ترقي دشمن بجيٽ سمجهندي رد ڪيون ٿا، سنڌ سرڪار جي اهڙن ڳنڀير معاملن تي سنجيدگي نه ڏيکارڻ جي پڻ مذمت ڪجي ٿي.

 ڪامريڊ مٺل ڪلھوڙو چيو ته اسٽيل ملز کي خانگائڻ ذريعي ساڍا نوَ هزار پورهيت بيروزگار ڪرڻ، قاسم گارمينٽس جي پورهيتن تي لٺ بازي ۽ فائرنگ ڪرڻ واري عمل کان ويندي ڳوٺ سنگھار کوسو جي رهواسين مردن، عورتن توڙي ٻارڙن مٿان تشدد جهڙا واقعا اسانکي ٻڌائن ٿا ته هي نظام ۽ سرڪار بوکلاهٽ جو شڪار آهن.