news
نوابشاھ

نوابشاهه: زمين تي قبضي خلاف پيرسن جو احتجاج، قبضو ڇڏائي ڏيڻ جو مطالبو

نوابشاهه (رپورٽ:فدا چانڊيو) نوابشاهه جي معرورف تعليمي اداري ايڇ ايم خواجه ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه جي ريٽائرڊ ٿيل پٽيوالي درگاهي فقير جسڪاڻي کي انصاف نه مليو، پيرسن درگاهي فقير ڪيترن سالن کان دانهن ڪندي اکين نور پڻ وڃائي ويٺو آهي.

 درگاهي فقير جسڪاڻي احتجاج ڪندي دانهيون آهي ته ڪيترن سالن کان سندس جي زمين تي زرعي پاڻي سميت قبضو ڪيو ويو آهي جڏهن ته زمين تي قبضي ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، منهنجي اوطاق تان چوري ڪرائي وئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

 هن چيو ته ديهه عامرجي سميت ديهه گونگو ٿر ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسان کي ليز تي زمين ڏني ليڪن علائقي جي با اثر امام الدين مري، نديم مري، عباس علي مري، صفدر مري، وزير مري مختلف طريقن سان هيسائي رهيا آهن.

 هن آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، ايم اين اي فريال ٽالپر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته انصاف ڪرايو وڃي.