ڪارن مٿان دل ڏاريندڙ ظلم تي ٻڌل ناول ”روٽس“

news

جارج فلائيڊا جو اونڌو جسم، هٿڪڙي سان ٻڌل هٿ، گوڏن هيٺ سندس ڪنڌ، ”مان ساهه نه پيو کڻي سگهان“ جو دٻيل آواز ۽ ٻوجهه هيٺ ساهه ٽٽڻ، اهڙو دل ڏاريندڙ منظر هر حساس ماڻهوءَ وانگي توهان جي اکين ۾ پاڻي دل کي ڌوڏيندڙ ڏٺو هوندو.

جيڪڏهن آمريڪا ۾ قيامت برپا ڪندڙ ۽ دنيا ۾ تهلڪو مچائيندڙ ان وڊيو کي ڏسي ائين ڏڪي ويا آهيو جو ٻئي دفعا ڏسڻ جي همت ناهي ته پوءِ توهان بلڪل به ايلڪس بيلي جو ناول ”روٽس” نه پڙهجو ڇو ته ان کي پڙهندي توهان به پنهنجا ڪنڌ گورن جي گوڏي هيٺان محسوس ڪرڻ لڳندا.

جارج فلائيڊ جي درد ناڪ قتل جو منظر به پنهنجي پويان ان کان به وڌيڪ مڪروهه ۽ ڀيانڪ منظر جو هڪ طويل سلسلو رکي ٿو ۽ منظر روٽس جي هر صفحي تي ڦهليل آهن، ان ناول جي ڪهاڻي آفريڪي ديس گيمبيا جي هڪ ڳوٺ ۾ خوشگوار ۽ پرسڪون زندگي جي شروعات ڪندي ڪنتا ڪنتي سان شروع ٿئي ٿي.

پر ڪنتا ڪنتي جي درد ۾ رت روئڻ کان اڳ انکي ڪردار جي صورت امر ڪندڙ ايلڪس بيلي جي تڪليف کان آشنا ٿيو.

11 آگست 1921 جي ڪنهن گهڙي آمريڪي سرزمين تي جنم وٺندڙ ۽ 10 فيبروري 1992 تي دنيا کي الوداع چوندڙ ايلڪس بيلي کي سندس ڏاڏي ڪجهه ڪهاڻيون ٻڌائيندي رهي ان ڪري نه ته دل وندرائڻ لاءِ پر ان لاءِ ته خاندان جي تاريخ اڳتي ٿئي.

هن کي ڪنتا ڪنتي جي ڪٿا ٻڌائي وئي، ننڍڙي ايلڪس کي ڏاڏي ٻڌايو ته ڪنتا کي ڪيئن گيمبيا ۾ واقع سندس ڳوٺ مان کيس اغوا ڪري آمريڪا آندو ويو، جتي هو نيپلز جي ساحل تي بطور غلام لاٿو ويو، ڪنتا کان سندس خاندان، وطن ۽ آزادي نه کسي وئي پر کانئس مذهب پڻ کسيو ويو، هو مسلمان مان ڦيرائي مسيحي بڻايو ويو، هن جو نالو ٽوبي رکيو ويو 

هيءَ ڪهاڻي ڪنتا پنهنجي ڌيءَ کي ٻڌائي وصيت ڪئي هئي ته نسل درنسل منتقل ڪندي رهجان، هيءَ ڪهاڻي ٻن صدين جو سفر ڪندي اچي ايلڪس جي ڪنن تائين پهتي.

ڪنتا جي ڪهاڻي ايلڪس جو ئي اصل ورثو هئي، جنهن کي ليکڪ ٿيڻو هو، اسان تخليق جي تڪليف جو ڪافي ذڪر ڪندا به آهيون ته ٻڌندا به آهيون پر ايليڪس بيلي ان تڪليف مان واقعن گذريو ۽ پورن 12 سالن جي تحقيقي ۽ تخليقي سفر جي دوران هر وقت گذرندو رهيو، ڪهاڻي جي پٺيان هن آمريڪا ۽ ٻاهرين ملڪن جو ڊگهو سفر ڪيو.


ان ڪهاڻي ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن جي کوج ڪئي ۽ حقيقت جي ڳولا ۾ شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ گهمندو رهيو، آخرڪار گيمبيا جي ان ڳوٺ وڃي پهتو جيڪو ڪنتا ڪنتي جو هو ۽ ان ڪٽنب جي ڳولا ڪري ورتي.

مقامي تاريخدان جيڪي ياد جي سهاري تاريخ  ياد رکن ٿا ۽ بيان ڪن ٿا، ٻڌايو ته ڪنتا جهنگ مان ڪاٺيون ڪرڻ ويو هو ته جيئن ڊرم ٺاهي سگهي، جنهن کانپوءِ هو ٻيهر ڪنهن کي به نظر نه آيو، ايلڪس برطانيا ۾ قيام ڪندي 1760 جي ڏهاڪي دوران آفريڪا ۾ برطانيا جي سپاهين جي سرگرمين بابت معلومات حاصل ڪئي، ان عرصي ۾ آفريڪين کي غلام بڻائڻ ۽ انهن جي وڪري بابت دستاويزن ڪنتا جي لوڪ ڪهاڻي کي حقيقتن جي ويجهو آڻي ڇڏيو، نيٺ آخر هو آمريڪا جي spotsylvania ڪنٽري جي هڪ دستاويز جي مدد سان ٽوبي تائين وڃي پهتو جنهن کي جان والر ۽ اين نالي آقائن جي جوڙي ڊاڪٽر وليم والر نالي ماڻهوءَ کي وڪيا هئا.

پنهنجي تحقيقي سفر دوران ايلڪس ڪارن کي اغوا ڪري جن جهازن ۾ آندو ويندو هو انهن جو ريڪارڊ هٿ ڪيو ۽ غلامن جي واپار، انهن جي استعمال ۽ استحصال جي باري ۾ حقيقتون جمع ڪيون.

ايلڪس جو چوڻ آهي ته ڪنتا ڪهاڻي جي 12 سال پوئواري ڪندي هن لڳ ڀڳ 5 لک ميل سفر ڪيو، هي فقط سفر ئي نه هو، واقعن جي جاچ ڪرڻ، وڌيڪ تصديق ۽ پوءِ وري ٻيهر ڳولا، ڏکيائن ۽ مشڪلاتن سان پُر ايلڪس جي زندگي جا 12 سال محنت ڪري اسان کي هڪ اهڙو شاندار ۽ شاهڪار ناول ڏئي ويو جيڪو ادبي ڪوشش سان گڏ هڪ تاريخي ڪتاب پڻ آهي، هڪ ڳالهائيندڙ ۽ ساهه کڻندڙ تاريخ، نه ڄاڻ پنهنجي ان ڳولا دوران ايلڪس پنهنجي وڏڙن تي ٿيل ظلم، انهن جي تڪليف ڏک ۽ ڪارن جي تذليل جا احساس ڀوڳي بار بار ڪهڙي اذيت مان گذريو هوندو، ان جو تصور ئي تڪليف ۾ مبتلا ڪندڙ آهي.

روٽس جي ڪهاڻي ڪنتا ڪنتي جي خوش باش زندگي سان شروع ٿئي ٿي جنهن گيمبيا جي هڪ ڳوٺ Jufureh جي مسلمان گهراڻي ۾ جنم ورتو، ليکڪ ڳوٺاڻن ۽ ڪنتا قبيلي، انهن جي منظم زندگي ۽ خوبصورت رسمن جو، تفصيل سان بيان ڪندي هن سامراجي پروپئگنڊا جو چهرو ڪارو ڪري ڇڏيو آهي ته آفريقي غيرمهذب ۽ وحشي هو.

ان ڳوٺ ۾ انهن اغوا ڪندڙن جي اچڻ جو ذڪري ٿيندو هو جن جو رنگ اڇو هوندو آهي ۽ انهن مان پُسيل ڪڪڙ جي مهڪ اچي ٿي، محبت انسان دوست روايتن جي آکيري ۾ پلجي جوان ٿيندڙ ڪنتا فقط 17 سالن جو هو جو ان کي اغوا ڪري آمريڪا آندو ويو جتي ان جي زندگي غلامي جي ذلت ڀوڳيندي رهي.

ناول جي شروعات ڪنتا جي مگن ۽ پر مسرت زندگي جو حال پڙهندي پڙهندڙ کي ڌهڪو ٿيندو رهندو آهي ته ڪنتا هاڻ اغوا ٿيو جڏهن اغوا ٿيو ته دل ان جي مستقبل جو سوچي ڏک ۾ وٺجيو وڃي، اصل ڪهاڻي ڪنتا جي اغوا کان پوءِ شروع ٿئي ٿي، بحري جهاز ۾ هيٺ مٿي هر طرف ٻڌل آفريقي، زنجيرن ۾ جڪڙيل، انهن سان ڪيل سلوڪ ۽ اهڙو ورتاءُ جيڪو هاڻ ڪنهن جانور سان به ٿئي ته دنيا کان رڙيون نڪري وڃن، اهڙن منظرن کي پڙهندي دل بيچين ٿيو وڃي.


ناول ۾ آفريقي واسين کي غلام بڻائڻ ۽ غلامن جي وڪري ۽ خريد جي تصوير ڪشي ڪرڻ سان گڏ آفريقا کان زبردستي کڻي ايندڙن سان جانورن وانگي ڪم وٺي صنعت، زراعت ۽ ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم وٺي ترقي جو عروج حاصل ڪرڻ جي پوري تاريخ بيان ڪئي وئي آهي.

ڪارن سان وحشياڻو سلوڪ ۽ انهن کي انسان بجاءِ جانور سمجهڻ جي ان دور واري حالت کي قلمبند ڪيو ويو آهي ته پڙهڻ واري جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا ۽ هو انهن غلامن کي ڏنل هر اذيت ۾ پاڻ کي شامل سمجهي ٿو.

آڪٽوبر 1976 ۾ ڇپيل ان ”فيملي ساگا“ ڌم مچائي ڏني، هڪ طرف ادبي حلقن ۽ تنقيدنگارن ان کي زبردست پذيرائي ڏني ته ٻئي طرف هي ڪتاب بيسٽ سيلر ۾ شامل ٿي ويو ۽ هن سال نومبر تائين پهرئين نمبر تي اچي ويو، ڇپجڻ جي 7 مهينن اندر روٽس جون پنج لک ڪاپيون وڪرو ٿي ويون، ان ناول تي ٽيليوزن ۽ ريڊيو جي مني سيريز به ٺاهي وئي آهي.

هن ناول جا ٻه اردو ترجما پڻ شامل آهن هڪ انوار فاطمه جعفري جو اردو ترجمو ”سلاسل” جي عنوان سان آهي ۽ ٻيو عمران الحق چوهاڻ جو ”اساس“ جي نالي سان آهي.

مون انوار فاطمه صاحبه جو ترجمو پڙهيو آهي، ان ترجمي نگاري جي اعليٰ مهارت ڏيکاري آهي.

آمريڪا جي ترقي، سماج ۽ فريڪي نزاد آمريڪين کي سمجهڻ لاءِ هن ناول کي پڙهڻ ضروري آهي.



(عثمان جامعي)