سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ چار لک ڇائيتاليهه هزار کان وڌي ويو

news

نيويارڪ: (اربع 17جون 2020ع)  سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 4 لک 46 هزار کان مٿي ٿي وئي آهي. جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 82 لک 86 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.

ڪورونا وائرس سبب صحتياب ٿيندڙن جو انگ 43 لک 41 هزار کان وڌيڪ ٿي وئي آهي. سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر 54 هزار 594 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي جڏهن ته 34 لک 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو صحتياب ٿي ويا آهن.

آمريڪا ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ هڪ لک 19 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ 22 لک اٺ هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

برازيل آمريڪا کان پوءِ 9 لک کان وڌيڪ  ڪورونا وائرس وارو ٻيو ملڪ بڻجي ويو آهي.  جتي ڪورونا سبب فوتين جو انگ 45 هزار 456 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڪيسن جو انگ 9 لک 28 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. روس ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 7 هزار 200 کان مٿي ٿي ويو آهي.

روس ۾ ڪورونا سبب متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 45 هزار کان وڌي ويو آهي. ڀارت ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 11 هزار 9 سئو کان وڌي ويو آهي. جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 3 لک 54 هزار کان وڌيڪ ٿي وئي آهي. ڀارت ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 11 هزار 9 سئو کان وڌي ويو آهي. جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 3 لک 54 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي.

برطانيه ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 41 هزار 9 سئو کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 2 لک 98 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس سبب متاثر آهن. برطانيه ۾ ڪورونا ٽيسٽ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ ڪورونا مريضن سان ملاقات  ڪرڻ لاءِ ايندڙن کي آئسوليٽ ڪيو پيو وڃي.

اٽلي ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 34 هزار4 سئو کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 لک 98 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. اسپين ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 27 هزار هڪ سئو کان مٿي ٿي ويو آهي.

جڏهن ته گڏيل ڪيسن جو انگ 2 لک 91 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. پيرس ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 7 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته گڏيل ڪيسن جو انگ 2 لک 37 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.