ٻارن ۾ اي ڊي ايڇ ڊي جو علاج ڪندڙ وڊيو گيم منظور ڪئي وئي آهي

news

بوسٽن: آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ اٿارٽي باقاعده طور هڪ وڊيو گيم جي منظوري ڏني وئي آهي جيڪا ڌيان هٽي وڃڻ ۾ مبتلا ٻارن لاءِ ٺاهي وئي آهي، ان گيم کي بوسٽن جي هڪ ڪمپني اڪائلي انٽرايڪٽوليبس ٺاهي آهي

ان گيم جو نالو Endeavor Rx رکيو ويو آهي جيڪا 8 کان 12 سال جي ٻارن لاءِ خاص طور ڊيزائن ڪئي وئي آهي پر هيءَ گيم ڊاڪٽرن جي نسخي کانسواءِ نٿي ڏئي سگهجي ڇو ته اي ڊي ايڇ ڊي جي علامتن کانسواءِ ڪم جي ناهي، ياد رهي ته اٽينشن ڊيفيسٽ هائپرايڪٽوٽي ڊس آرڊر اي ڊي ايڇ ڊي ۾ ٻار پنهنجو ڌيان هڪ هنڌ نه بيهاري سگهندا آهن، ان ڪري مسلسل هڪ ئي ڪم طرف پنهنجو ڌيان رکڻ مشڪل ٿي پوندو آهي.

اهڙيءَ طرح اي ڊي ايڇ ڊي جو پهريون ڊجيٽل علاج به ٿيندو جنهن جي مدد سان ٻارن کي سندن ڌيان بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ايف ڊي اي منظوري کان اڳ ان گيم کي 600 ٻارن تي آزمايو آهي جنهن ۾ مختلف ڪردار تختي تي پيا ترڪندا رهندا آهن ۽ اڳتي وڌندا آهن، هن راند ۾ ٻار کي سندس اعصاب ۽ محسوس ڪندڙ عضون ۽ موٽر اعصاب ۽ حرڪتي اعصاب موٽرنروز کي نظر ۾ رکڻو پوندو آهي جنهن سان ان جي ڌيان واري صلاحيت بهتر ٿيندي آهي.