طالبان جي ٻن حملن ۾ سترنهن افغان اهلڪار مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

news

ڪابل: (خميس 18جون 2020ع) افغانستان ۾ طالبان جي ٻن حملن ۾ گڏيل طور تي 17 اهلڪار مارجي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا. افغان ميڊيا موجب طالبان پهريون حملو قندوز جي چيڪ پوسٽ تي ڪيو.

حملي ۾ 5 اهلڪار مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا. حملي آور افغان فوج جا هٿيار ۽ 2 گاڏيون به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ٻئي طرف صوبي جوزجان جي سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي به موٽر سائيڪل سوار درجن کان وڌيڪ طالبان ويڙهاڪن حملو ڪري ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ 12 اهلڪار مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا. ان ڪارروائي کان پوءِ به حملي آور پاڻ سان گڏ افغان فوج جا هٿيار ۽ گاڏيون کڻي ويا.

افغان حڪومت ۽ طالبان ويڙهاڪن طرفان سيز فائز جي اعلان جي باوجود گذريل هڪ هفتي جي دوران ويڙهاڪن جي حملن ۾ مارجي ويل اهلڪارن جو انگ 171 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 250 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

واضح رهي ته 29 فيبروري تي طالبان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيندڙ امن معاهدي جي باوجود افغانستان ۾ اڃان تائين امن قائم ناهي ٿي سگهيو ۽ طالبان  معاهدي تحت پنهنجي گرفتار ٿيل ماڻهن جي آزادي واري عمل ۾ سست رفتاري تي ناراض آهن جڏهن ته حڪومت آزادي کي حملا روڪڻ سان مشروط ڪري رهي آهي.