گلگت بلتستان جو زراعت وارو وزير حاجي جانباز خان ڪورونا وائرس وگهي فوت

news

پشاور: (خميس 18جون 2020ع) مسلم ليگ(ن) جو سينئر اڳواڻ ۽ گلگت بلتستان جو زراعت وارو وزير حاجي جانباز خان ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي ويو.

صوبائي حڪومت جي ترجمان موجب جانباز خان جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو هو ۽ هو طبيعت خراب ٿيڻ تي سٽي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. ترجمان چيو ته جانباز خان جي طبيعت سڌري نه سگهي جنهن سبب هو فوت ٿي ويو.

ياد رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ هينئر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ڪيترائي ميمبر ۽ وزير موذي وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪجهه وائرس وگهي فوت به ٿي ويا آهن.