عورت مڙس کان ڪاوڙجي ٽن ٻارن سميت دريا ۾ پاڻ اڇلي ڇڏيو

news

مظفرڳڙهه: عورت گهريلو جهيڙي کانپوءِ پنهنجي ٽن معصوم ٻارن سميت درياءَ ۾ پاڻ اڇلي ڇڏيو

مظفر ڳڙهه جي علائقي ۾ ملتان روڊ تي واقع چناب پل وٽان عورت پنهنجي ٽن معصوم ٻارن سميت درياءَ ۾ پاڻ اڇلي ڇڏيو.

ريڪسيو عملدارن موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي تڪڙي ڪارروائي ڪندي عورت کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو جڏهن ته ٻارن جي ڳولا ڪاڻ ريسڪيو 1122 جو آپريشن جاري آهي.

ذريعن موجب ملتان جي علائقي ڊبل ڦاٽڪ جي رهواسڻ عورت جو ٻاهرين ملڪ رهندڙ سندس مڙس سان جهيڙو ٿي پيو جنهن کانپوءِ هن ٻارن سميت دريا ۾ پاڻ اڇلي ڇڏيو.

ٻڏي ويل ٻارن جي عمر هڪ کان پنجن سالن تائين آهي ۽ پاڻيءَ جي تيز وهڪري سبب ٻارن جي ڳولا ۾ مشڪل پيش اچي رهي آهي.