جيڪب آباد ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي سينٽر تي مستحق عورتن جي پيهه، ايس او پيز تي عمل نه ٿيو

news

جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي سينٽر تي مستحق عورتن جي پيهه، سينٽر تي سھولتون نه ھئڻ تي عورتون ساڻيون ٿي پيون، ضلعي انتظاميا ايس او پيز تي عمل نه ڪرائي سگهي.

جيڪب آباد جي گورنمينٽ حميديه ھاءِ اسڪول ۾ قائم احساس ڪفالت پروگرام جي سينٽر تي سوين مستحق عورتون قسط حاصل ڪرڻ لاءِ پھتيون ته سينٽر تي ٽينٽ، ڪرسين ۽ پيئڻ جي پاڻي جو ڪوبه بندوبست نه ڪيو ويو، جنهن سبب مستحق عورتون گرمي ۾ ساڻيون ٿي پيون جڏهن ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس سنڌ حڪومت جي ڏنل ايس او پيز تي عمل درآمد نه ڪرائي سگهيا سينٽرن تي عورتن جي پيھه ھئڻ سبب ڪورونا جي ڪيس وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

جڏهن ته مستحق عورتن ماسڪ پائڻ کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي احساس ڪفالت پروگرام جي سينٽر تي مستحق عورتن جي قسطن مان ڪٽوتي جون به ڪافي شڪايتون ملڻ ۾ آيون آهن.

سينٽر تي موجود عورتن دانھيندي چيو ته رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ قسط نه اچڻ جو چئي واپس ڪرايو پيو وڃي جنھن سبب سخت تڪليف ٿئي ٿي، احساس ڪفالت پروگرام جي سينٽر تي ڪم ڪندڙ ملازم ٻڌايو ته رشوت نه پئي ورتي وڃي، ڪيترن ئي عورتن جا آڱوٺا ڪم نه ڪري رھيا آھن، جنھن سبب انهن کي واپس ڪيو پيو وڃي.

جڏهن ته ضلعي انتظاميا پاران ڪورونا تي عمل نه ڪرائڻ جي سلسلي ۾ اي ڊي سي ون حاجن اڄڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ شھر معائنو ڪيون ٿا احساس ڪفالت پروگرام جي سينٽر تي چڪر نه لڳايو ويو آهي موڪل ٿي وئي سڀاڻي سينٽر تي وڃي ايس او پيز جو معائنو ڪيو ويندو خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.