ٽنڊوڄام جي علائقي ڄام گھر ۾ سيوريج جي لائين ٽٽي پئي، رهواسي پريشان

news

ٽنڊوڄام: ٽنڊوڄام جي علائقي ڄام گھر ۾ سيوريج جي لائين ٽٽي پئي، علائقي جون گھٽيون گندي پاڻي سان ڀرجي ويون، رهواسي پريشان.

خبر موجب ٽنڊوڄام جي علائقي ڄام گهر ڪالوني ۾ سيوريج جي لائين ٽٽڻ سبب سيوريج جو گندو پاڻي گهٽين ۾ بيهجي ويو. جنهن سبب علائقي واسين کي اچ وڃ ۽ نمازي مسجد ۾ وڃڻ لاءِ سخت مشڪلات کي منهن ڏيندا رهيا.

جڏهن ته بعد ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملي پهچي سيوريج لائين جي مرمت ڪري، گهٽين ۾ بيٺل پاڻي کي نيڪال ڪيو ويو.