نوابشاهه پي ايم يو اسپتال ۾ مورو واسڻ علاج دوران فوت، وارثن پاران ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام، ڀڃ ڊاهه

news

نوابشاهه: پي ايم يو اسپتال نوابشاهه جي دل واري وارڊ ۾ مورو واسڻ مسمات انور بيگم ڊاڪٽر جي مبينا غفلت سبب فوت، فوتي عورت جي وارثن جو ڊاڪٽرن اڳيان سخت احتجاج، دل واري وارڊ جي ڀڃ ڊاھه ڪئي.

ٻئي طرف دل واري وارڊ جي ڊاڪٽر محسن احتجاج ڪندي چيو ته مريض عورت جو مڪمل علاج ڪيو ويو ھو ان ۾ ڊاڪٽرن جو ڪوبه ڏوھه ناھي، فوتي عورت جي وارثن پاران اسان ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام لڳائي اسان تي بلاجواز تشدد ڪري اسان کي گارگند ڪئي آھي.