سجاول بدين باءِ پاس روڊ تي حادثو، اوڻيهه ڄڻا سخت زخمي

news

سجاول: سجاول بدين باءِ پاس روڊ تي افسوس ناڪ حادثو، ٻن سوزوڪي پڪ اپ ۾ خطرناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪراچي ۽ اسلام ڪوٽ واسي 19 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان ٻن ڄڻن کي سخت زخمي هئڻ سبب نازڪ حالت ۾ ڪراچي ريفر ڪيو ويو،  ايمرجنسي وارڊ ۾ بسترن جي کوٽ سبب ڪجهہ مريض فرش تي تڙپندا رهيا جن کي فرش تي ئي طبي امداد ڏني وئي.

سجاول بدين باءِ پاس روڊ تي ڪراچي ۽ اسلام ڪوٽ جي ٻن سوزوڪي پڪ اپ جي وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ اسلام ڪوٽ ۽ ڪراچي سان تعلق رکندڙ 19 مسافر چنيسر، عالم ولد وسايو، ميھل، دھيوراج، ناٿو، دوست محمد، جمعو، محمد رمضان، ناٿو ولد خيمون، بيگي، آنبو، محمد عمر، رسول بخش، پارو ولد لڇھو ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا.

جن کي مقامي رهواسين موقعي تي سول اسپتال سجاول پهچايو جتي حادثي ۾ سخت زخمي ٿيندڙ هڪ عورت بيگي ۽ ناٿو نالي همراھ جي نازڪ حالت هئڻ ڪري ڪراچي ريفر ڪيو ويو ۽ ٻين زخمين کي هتي ئي طبي امداد ڏني وئي، جڏهن تہ اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ بسترن جي کوٽ هئڻ سبب ڪجهہ مريض اسپتال جي فرش تي تڙپندا رهيا جن کي ڊاڪٽرن پاران فرش تي ئي طبي امداد ڏني وئي.