دبئي ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويل پاڪستانين جو انگ چوٽيهه ٿي ويو

news

دبئي:(ڇنڇر 20جون 2020ع)   دبئي ۾ ڪورونا وگهي وفت ٿي ويل پاڪستانين جو انگ 34 ٿي ويو آهي. جڏهن ته فوت ٿي ويلن جي دبئي ۾ ئي تدفين ڪئي وئي آهي.

ان حوالي سان ابو ظهبي ۾ پاڪستاني سفير غلام دستگير ڪورونا وائرس سبب متاثر پاڪستانين کي فري علاج ۽ ٽيسٽنگ سروس فراهم ڪرڻ تي امارات حڪومت جو ٿورو به ادا ڪيو آهي.

ياد رهي ته متحده عرب امارات ۾ ڪورونا وائرس وگهي متاثر مريضن جو انگ 44 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 300 آهي.