آچر تي ٿيندڙ سج گرهڻ ڪراچي ۾ سئو سيڪڙو ڏسي سگهبو

news

لاهور: (ڇنڇر 20جون 2020ع) آچر تي ٿيندڙ سج گرهڻ ڪراچي ۾ 100 سيڪڙو ڏسي سگهبو. جڏهن ته سج گرهڻ سبب سڀاڻي 11 لڳي 25 منٽن تي ڏينهن رات جو منظر پيش ڪندو.

موسميات کاتي موجب سڀاڻي پاڪستان ۾ سج گرهڻ 9 لڳي 46 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ ٻنپهرن جو هڪ لڳي 10 منٽن تي ختم ٿيندو. جڏهن ته 11 لڳي 25 منٽن تي مڪمل سج گرهڻ ٿيڻ سبب ڏينهن رات ۾ تبديل ٿي ويندو. موسميات کاتي چيو آهي ته پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ 90 سيڪڙو سج گرهڻ ٿيندو. جڏهن ته ڪراچي ۾ 10 سيڪڙو سج گرهڻ ڏسي سگهبو.

سج گرهڻ آسٽريليا کان وٺي يورپ تائين ڏسي سگهبو. ان کان علاوه وچ اوڀر ۽ ايشيائي ملڪن ۾ به ماڻهو سج گرهڻ کي ڏسي سگهندا. اکين جي ماهر ڊاڪٽرن 21 جون تي ٿيندڙ سج گرهڻ کي انساني اکين جي لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو آهي. ماهرن موجب سج گرهڻ جي دوران الٽرا وائلٽ شعائون نڪرنديون جيڪي انساني اکين کي هميشه جي لاءِ ختم ڪري سگهن ٿيون.

اکين جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سج گرهڻ جي دوران 2 ڪلاڪ تائين شعائون انتهائي خطرناڪ هونديون ان ڪري شهري سج گرهڻ جي دوران گهرن ۾   رهن. سچ جون شعائون ريٽينا تي ڪارو نشان وجهي سگهن ٿيون. سج کي سڌو سنئون ڏسندڙن جي اکين جي روشني ختم ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته سج  گرهڻ جي دوران عورتن  ۽ ٻارن کي خاص احتياط جي ضرورت آهي.