سڄي دنيا ۾ واٽس ايپ ڊائون، صارفين آن لائن ۽ لاسٽ سين ميسجز ڏسڻ کان محروم

news

لنڊن: (ڇنڇر 20جون 2020ع)  پيغام پهچائڻ ۽ وڊيو ڪالنگ جي مشهور ترين ايپ واٽس ايپ سڄي دنيا ۾ ڊائون ٿي وئي جنهن کان پوءِ صارفين آن لائن اسٽيٽس ۽ لاسٽ سين ڏسڻ کان محروم ٿي ويا.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب سڄي دنيا ۾ صارفين کي گذريل رات کان ان وقت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن کين واٽس ايپ تي چيٽ مين آن لائن اسٽيٽس ۽ لاسٽ سين نظر نه پيو اچي. واٽس ايپ صارفين ڪنهن کي به آن لائن ناهن ڏسي رهيا جڏهن ته انهن کي ڪنهن جو لاسٽ سين به نظر نه اچي رهيو هو.

جيئن ئي سڄي دنيا جي سمورن واٽس ايپ صارفين کي هن پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو ته واٽس ايپ ٽوئٽر جي ٽرينڊنگ پينل تي ٽرينڊ ڪرڻ لڳو. ڪيترن ئي صارفين جو چوڻ آهي ته واٽس ايپ پنهنجو نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي جنهن ذريعي صارفين هاڻ اهو نه ڏسي سگهندا ته ڪير آن لائن آهي.

ٻئي طرف  ان حوالي سان ڪمپني جو چوڻ آهي ته اسان واٽس ايپ ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي ۽ واٽس ايپ بالڪل اڳ جيان ئي ڪم ڪري رهيو آهي.