مبارڪپور: صحافي تي قاتلاڻي حملي خلاف جسقم(ب) طرفان احتجاجي مظاهرو، جوبدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

news

مبارڪپور( رپورٽ: مهر قربان علي) مبارڪپور ۾ جسقم طرفان  لکي جي صحافي جميل مهر تي حملي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ٖ ڌرڻو ٖ خبر موجب 

مبارڪپور ۾ ڪالهہ جسقم شهيد بشير خان قريشي گروپ تعلقہ  ٺل جي ڪارڪنن ڪامريڊ لياقت سرڪي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ٺل شڪارپور روڊ تي احتجاج ڪري نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو جتي هنن چيو تہ شڪارپور پوليس لکي غلام شاهہ جي صحافي جميل مهر تي ٿيل قاتلاڻي حملي جا جوابدار اڃا تائين گرفتار ناهن ڪيا.

 هنن گهر ڪئي تہ حملي ڪيس جا جوابدار گرفتار ڪري صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.