news
نوابشاھ

نوابشاهه ۾ لاڪ ڊائون ٻئي ڏينهن به سخت، پوليس ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ مصروف

نوابشاهه(رپورٽ: فدا چانڊيو) ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن کي مدنظر رکندي ضلعي انتظاميه پاران 15 ڏينهن وارو لاڪڊائون ٻئين ڏينهن به سخت رهيو، جڏهن ته لاڪ ڊائون ۾ عام واهپي وارين شين جا دڪان جنهن ۾ جنرلاسٽور، کير جا دڪان، ڀاڄيون، ميوا، گوشت، مڇي، مرغي، بيڪريون ۽ ميڊيڪل اسٽور، پيسٽي سائيڊ ڪنسٽريڪشن سائيڊ جا دڪان صبح 7 بجي کان شام 7 بجي تائين ايس او پيز تحت پڻ کليل رهيا، انکان علاوه پوليس پاران شهر ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ بنا ماسڪ پاتل ماڻهن کي ماسڪ پائڻ جي هدايت ڪندا رهيا ۽ ايمرجنسي جي صورتحال ۾ مريض سان گڏ صرف ٻن ماڻهن جي اجازت ڏني پئي وڃي، جڏهن ته عام واهپي وارين شين جي وٺڻ لاء صرف هڪ فرد کي خريداري لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازتڏني پئي وڃي.

 ضلعي انتظاميه جا ماڻهون جنهن ۾ نادرا ملازم، عدالتن جا ملازم وڪيل ۽ صحافين کي پنهنجي فرض جي عدائگي لاءِ اجازت هوندي جڏهن ته گهر کان ٻاهر نڪرندڙ هر فرد کي ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پوليس پاران شهر جو گشت به جاري آهي.