ڪيوبا جي بزرگ عورت ڪورونا کان بچڻ جو حل ڳولي ورتو

news

بيجنگ: (آچر 21 جون 2020ع) چين مان پکڙجندڙ خطرناڪ ڪورونا وائرس جيئن جيئن دنيا ۾ پکڙجڻ شروع ٿيو آهي ته ان کان پوءِ ماڻهن جي پريشاني ۾ به واڌ ٿي رهي آهي ۽ هر ڪو ٻاهر نڪرڻ وقت صرف اهو سوچي رهيو آهي ته ڪٿي هي وائرس مون کي نه لڳي وڃي.

ڪورونا وائرس کان بچڻ جي لاءِ ماهرن طرفان سماجي وٿي اختيار ڪرڻ ۽ ماسڪ، صابڻ سان هٿ ڌوئڻ ۽ سينيٽائزر استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ماهرن جي سمورين هدايتن جي باوجود به ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان ڊڄي رهيا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن وائرس کان بچڻ جي لاءِ انوکي حڪمت عملي به اپنائي ڇڏي آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪيوبا ۾ هڪ بزرگ عورت وائرس کان بچڻ جي لاءِ هڪ انوکي ئي حڪمت عملي اپنائي آهي. فيريديا روجاس نالي عورت ڪورونا وائرس کان بچڻ جي لاءِ پنهنجي لاءِ ڪارڊ بارڪس جي مدد سان هڪ حفاظتي باڪس تيار ڪيو جنهن کي پائي هو گهر مان ٻاهر نڪري پنهنجا ضروري ڪم ڪندي آهي.

عورت جو چوڻ آهي ته منهنجون 2 ڌيئرون آهن جيڪي آمريڪا ۾ ترسيل آهن ان لاءِ گهر جو ضروري سامان وٺڻ جي لاءِ مون کي پاڻ ئي نڪرڻو پوندو آهي. عورت هن ڪارڊ باڪس کي گهر جيان ٺاهيو آهي جنهن کي پائي هو گهر مان ٻاهر اچي پنهنجي ضرورت وارين شين جي خريداري ڪندي آهي.