پنوعاقل: نوجوان عورت جو ڀوپي تي لٺيون هڻڻ جو الزام،مون مٿان بي بنياد الزام هنيو ويو آهي، ڀوپو

news

پنوعاقل(رپورٽ:قربان ملڪ) بائجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ارباب جھنڊير ۾ جعلي ڀوپي شفيق الرحمان ولد رحيم بخش جھنڊير پاران پنوعاقل شھر جي ريلوي ڦاٽڪ لڳ ويٺل نوجوان عورت ثمرين ڌيءَ علم الدين کي حسابي چڪر ڄاڻائي جعلي تعويزن وسيلي عورت جي وارن کان پڪڙائي  مٿس لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو ۽ کيس جا ڪپڙا ليڙيون ليڙيون ٿي ويا ۽ سخت تشدد جو نشانو بڻائي زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنھن بعد نوجوان عورت جعلي پير وٽان دانھون ڪري زخمي  حالت ۾ نڪري بائيجي ٿاڻي تي پھتي.

ٿاڻي تي ھن پنھنجي مڙس سان گڏ دانھيندي ٻڌايو ته مونکي گذريل ڏينھن دل جي تڪليف  ٿي ھئي ۽ ڊاڪٽر دل جي اي سي  جي ڪري دوا به ڏني ھئي پر علائقي جي ڪجھ شرپسند ماڻھن مونکي ماءُ ۽ مڙس سان گڏ کڻائي جعلي پير وٽ پھچايو، جنھن ڏنڊا ھڻي مونکي عبدالرحمان جي نالي پڪاري چيو ته ھن کي جن آھي ۽ ھن منھنجي ڇاتي وٽان ڪپڙا ڦاڙي عزت ۾ ھٿ وڌا ته مان دانھون ڪري ٽوڻن ڦيڻن واري ھٿرادو پير وٽان ٻاھر نڪري بائجي ٿاڻي تي پھتي آھيان.

 پوليس ۽ ميڊيا وارن آڏو زارون قطار  روئندي هن چيو ته من گھڙت پير کان مونکي ۽ ماڻھن کي بچايو جنھن بعد ايس ايڇ او بائيجي غلام محمد بوزدار پوليس ساڻ ڪري ڀوپي کي سوگھو ڪري مٿس گناھ نمبر 38 قلم 5 6 بٽا 2 ــ354 ۽ ٻيا لڳائي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي.

 ھوڏانھن ڀوپي شفيق الرحمان ميڊيا کي ٻڌايو تہ مان ڀوپو يا پير نہ آھيان، دعا سڳو ڏيندو آھيان، متاثر عورت پنھنجي مڙس ۽ ڀاءُ سان بيھوشي واري حالت ۾ آئي، مون پاڻي جو ڇنڊو ھنيو، ھوش ۾ اچڻ شرط عورت پاڻ پنھنجا ڪپڙا ڦاڙڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي مون کي ڊاڪٽر ڏانھن وٺي ھلو، منھنجي مٿان بي بنياد الزام آھي مون ڪو بہ تشدد يا زيادتي جي ڪوشش نہ ڪئي آھي.

 ٻئي طرف ايس ايڇ او بائيجي رابطو ڪرڻ  تي ٻڌايو تہ عورت ٿاڻي تي جعلي پير خلاف دانھيو تہ پوليس بروقت ڪاروائي ڪري ڀوپي کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.

 ھوڏانھن علائقي ۾ اھي بہ افواھ آھن تہ مولوي کي ڪوڙو ڊرامو ڪري ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.