گوگل ڪمپني فوٽو شيئرنگ ايپ پنٽريسٽ لانچ ڪري ڇڏي

news

لنڊن: (سومر 22 جون 2020ع)  گوگل ڪمپني خاموشي سان سوشل فوٽو شيئرنگ ايپ پنٽريٽ جهڙي هڪ نئين ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي جنهن جو نالو(ڪين) آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب گوگل جي هي ايپ به بالڪل پنٽريٽ جيان آهي جنهن ۾ صارفين مختلف ويب سائٽن تان پنهنجون پسنديده تصويرون پنهنجي دوستن سان گڏ شيئر ڪري سگهن ٿا.

گوگل جي هي ايپ اينڊرائيڊ صارفين گوگل پلي اسٽور تان به ڊائون لوڊ ڪري سگهن ٿا جڏهن ته صارفين ويب برائوزر جي ذريعي سائن ان ڪري به ڪين کي استعمال ڪري سگهن ٿا.

صارفين ڪين ايپ تي پنهنجي  من پسند موضوع بابت سموري ڄاڻ حآصل ۽ شيئر ڪري سگهن ٿا جنهن ۾ کاڌو پچائڻ، سجاوٽ ۽ ٻارن بابت موضوع به شامل آهن. ڪين تي صارفين پنهنجي پسند جي موضوعن بابت آرٽيڪلز، وڊيو ۽ بلاگ پوسٽ محفوظ(سيو) به ڪري سگهن ٿا.