شھدادپور ۾ راند کيڏندي ٻن ورهين جي معصوم ٻارڙي کليل گٽر ۾ ڪري ٻڏي فوت

news

شھدادپور: شھدادپور شھر جي نيو هائوسنگ سوسائٽي ۾ راند کيڏندي ٻن ورهين جي معصوم ٻارڙي بينظير ڌي سترام باگڙي کليل گٽر ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي، وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو.

وارثن ٻارڙي کي گٽر مان ڪڍي سمس اسپتال کڻائي ويا جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي.