پروفيسر نثار احمد صديقي آءِ بي اي سکر جو باني هو، کيس ستاره امتياز سان به نوازيو ويو

news

سکر (رپورٽ: ابوذر غفاري) تعليم جو ماهر، اسڪالر ۽ آءِ بي اي سکر جو باني ۽ وائيس چانسلر نثار احمد صديقي سومر ڏھاڙي 22 جون 2020 ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ گذاري ويو، پروفيسر ڊاڪٽر نثار احمد صديقي دل جي عارضي ۾ مبتلا هو ۽ هڪ هفتي کان اسپتال ۾ داخل هو.

پروفيسر ڊاڪٽر نثار احمد صديقي 1994 کان شروعات  پبلڪ اسڪول سکر کان ڪئي ۽ انهن کان  ٻه ڪمرا ورتا جن ۾ سنڌ جي نوجوانن لاءِ تعليم شعور ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ پلان تيار ڪري اڳتي وڌيو، آئي بي سکر نالو رکيو هو.

هو هڪ اڳوڻو بيورو ڪريٽ هو ۽ مختلف عهدن تي پڻ ڪم ڪري چڪو هو، پروفيسر نثار احمد صديقي آئي بي اي يونيورسٽي کي هڪ ننڍي اداري کان وٺي قومي سطح تائين اسٽيٽ آف دي آرٽ ڪيمپس ۾ تبديل ڪيو، جنهن جو شمار پاڪستان جي اعليٰ تعليمي ادارن جي وچ ۾ شمار ٿئي ٿو.

پروفيسر نثار احمد صديقي سرڪاري نوڪري جي ريٽائرمنٽ کان بعد ۾ 2004 ۾ سکر آئي بي اي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو.

سندس عظيم قيادت هيٺ سکر آئي بي اي سنڌ اسيمبلي مان متفقه بل پاس ٿيندي 2017 ۾ مڪمل يونيورسٽي بڻجي وئي ۽ پروفيسر نثار احمد صديقي کي باني مقرر ڪيو ويو. هن وقت سکر آئي بي اي يونيورسٽي جي وهنوار هيٺ تيرنهن ڪميونٽي ڪاليجز چاليهه کان وڌيڪ اسڪول ڪم ڪري رهيا آهن تعليم ۽ قوم سان سندس گهرو لڳاءُ هو، جنهن کي حڪومت پاڪستان طرفان به مڃيو ويو ۽ کيس صدر پاڪستان ستاره امتياز سان نوازيو ويو.

وفات جي وقت سندس عمر 76 سال هئي سوڳوارن ۾ ٽي پٽ ۽ چار نياڻيون ڇڏيون آهن.