جوهي تعلقو وسيلن سان مالامال هئڻ باجود عوام کي ڪو فائدو نه مليو آهي:امداد لغاري

news

جوهي(رپورٽ:مشتاق رودناڻي) پي ايس 86 اميدوار امداد لغاري طرفان رهائشگاھ تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوهي تعلقي ۾ حڪمرانن جي غلط پلائننگ ۽ ڪرپشن سبب پ پ جي ٽنهي اقتدار دوران جوهي ۽ ڪاڇي جي عوام کي زرعي پاڻي ۽ پيئڻ جي پاڻي جو ڍڪ به ناهي مليو، جوهي تعلقو قدرتي وسيلن سان  مالا مال هئڻ باوجود جوهي جي عوام کي ٽڪي جو به رليف نه ملڻ جا ذميوار چونڊيل نمائندا آهن.

هن چيو ته جوهي تعلقي اندر زرعي توڙي پيئڻ جي پاڻي سميت گئس ۽ بجلي جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ سبب عوام بي حال ٿي ويو آھي، جوهي جي پڇڙي جو زرعي پاڻي تي منڍ جي با اثر سياسي ماڻھن جو قبضو هئڻ ڪري پوڇڙي جي شاخن جا هزارين آبادگار ڪنگال بڻجي ويا آهن، ڪافي خاندان آبادي نه ٿيڻ ڪري لڏ پلاڻ ڪري ويا آھن.


 هن چيو ته تعلقي جي مسئلن کان واقف آهيان هر مسئلي تي آواز اٿارينداسين، هن چيو ته بلدياتي چونڊن لاء حڪمت عملي تيار  ڪئي آهي، هر وارڊ توڙي يوسي ۾ مضبوط اميدوار بيهاري پ پ پ جي رستا روڪ ڪنداسين ته جيئن عوام جا هڏ ڏوکي ۽ همدرد نمائنده چونڊجي سگهن.