نصيرآباد ڪاٺيا محلا نوجوان اتحاد جي سڏ تي پاڻيءَ جي ھٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاھرو

news

نصيرآباد(رپورٽ:انور منگي) ڪاٺيا محلا نوجوان اتحاد پاران شھر اندر واٽرسپلائي جي پاڻيءَ جي فراھمي کي بھتر بڻائڻ لاءِ صوفي غفار چنا،منصور ڪاٺيو،جبار ڳنواس،راجا سومرو،جاويد ڪاٺيو،آصف ڪاٺيو ۽ سجاڳ شھري اتحاد جي جنرل سيڪريٽري علي گل ڪانڌڙي ۽ ٻين محلن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 اتحاد جي اڳواڻن چيو ته چونڊيل نمائندن چئن سالن ۾ پيڻ جي صاف پاڻي سميت شھر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪو به خاطر خواه قدم نه کنيو آھي.

 هن وقت شھري پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ پريشان آھن ايم پي اي، ايم اين اي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلر اگهور ننڍ ستل آھن، اسين هن احتجاج ذريعي اعليٰ اختيارين کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته نصيرآباد ۽ باڊھ ۾ واٽر سپلائي پاڻي جي مڪمل رسائي لاءِ سولر پلانٽ لڳايو وڃي ته جيئن شھرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ٿي سگهي.

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي مظاهرو جاري رهندو.