آمريڪي اخبار ڀارت ۾ ڪورونا ڪيس ۽ صحت واري نظام تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو

news

نيويارڪ: (اڱارو 23 جون 2020ع) آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسن ۽ صحت جي نظام تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. نيويارڪ ٽائمز موجب لاڪ ڊائون ڀارت ۾ ڪورونا ڪيس پکيڙڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. ڀارت جو صحت جو نظام ڪورونا ڪيسن هيٺيان دٻجي ويو آهي.

نيويارڪ ٽائمز ڀارتي معيشت ۽ بيروزگاري ۾ واڌ جون به ڳالهيون ڪيون.   عالمي اخبار موجب مريض رڙيون ڪندا رهيا پر اسپتالن طرفان ڪابه سهوليت نه ڏني وئي جنهن سبب ماڻهو فٽ پاٿ ۽ ايمبولينسن ۾ مرڻ لڳا. ياد رهي ته ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 13 هزار کان وڌي ويو آهي.

ٻئي طرف پرڏيهي سفارخانن به ڀارتي اسپتالن  تان پردو کڻي ڇڏيو آهي. پرڏيهي سفارتخاني موجب ٻين  بيمارين جي مريضن کي به اسپتالن ۾ داخلا ناهي ملي رهي. ڀارت جي معيشت به تيزي سان ڪري رهي آهي. 100 ملين ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن. ڀارت جي شهري هڪ حامله عورت نيلم ڪماري کي 15 ڪلاڪن  دوران 8 اسپتالن ۾ داخلا نه ڏنو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 15 ڪلاڪن کان پوءِ نيلم ڪماري ۽ سندس ٻار حياتي وڃائي ڇڏي.

نيلم ڪماري اسپتال انتظاميه ۽ عملي جي غفلت سبب فوت ٿي. نيويارڪ ٽائمز لکيو آهي ته نيلم ڪماري جهڙيون ڪيتريون ئي عورتون ڪشمير ۽ حيدرآباد ۾ مري رهيون آهن.