سڄي دنيا ۾ ڪورونا سبب متاثر مريضن جو انگ ٽيانوي لک ستهتر هزار کان مٿي ٿي ويو

news

نيويارڪ: (اربع 24 جون 2020ع) سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 4 لک 80 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 93 لک 77 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي.

ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 50 لک 65 هزار کان وڌيڪ ٿي وئي آهي. سڄي دنيا ۾ ڪورونا سبب متاثر 57 هزار 911 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

آمريڪا ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل انگ هڪ لک 23 هزار کان وڌي وئي آهي. آمريڪا ۾ 24 لک 24 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

برازيل آمريڪا کان پوءِ 11 لک کان وڌيڪ ڪورونا ڪيسن وارو ٻيو ملڪ بڻجي ويو آهي جتي ڪورونا سبب فوتين جو انگ 52 هزار ست سئو کان وڌيڪ ٿي وئي آهي جڏهن ته ڪيسن جو انگ 11 لک 51 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.

روس ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 8 هزار 3 سئو کان مٿي ٿي ويو. روس ۾ ڪورونا سبب متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 99 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.

ڀارت ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 14 هزار چار سئو کان وڌي ويو آهي. جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 4 لک 56 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. برطانيه ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 42 هزار 9 سئو کان وڌي ويو آهي. جڏهن ته 3 لک 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن.

اٽلي ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 34 هزار 6 سئو کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 لک 38 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن.

اسپين ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 28 هزار 300 کان مٿي ٿي ويو آهي جڏهن ته گڏيل ڪيسن جو انگ 2 لک 93 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.

پيرو ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 8 هزار چار سئو کان مٿي ٿي ويو. جڏهن ته گڏيل ڪيسن جو انگ 2 لک 60 هزار کان مٿي ٿي وئي آهي.