نصيرآباد ڪاٺيا محلي جي رھواسين پاران پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا نه هئڻ خلاف احتجاج

news

نصيرآباد: نصيرآباد ڪاٺيا محلي جي رھواسين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراھمي بھتر نموني نه ھجڻ ڪري ڪاٺيا محلا نوجوان اتحاد جي صدرصوفي غفار چنا، منصور ڪاٺيو، جبار ڳنواس، راجا سومرو، عامر بليدي حفيظ تنيو, ارشاد ڪاٺيو ۽ آصف ڪاٺيو جي اڳواڻي ۾ ڪمنان آفيس کان احتجاجي مظاهرو ڪندي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي شاھ لطيف پارڪ تي پهتا.

جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته  شھرين پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جن نمائندن کي ووٽ ذريعي ايوانن تائين پهچايو انهن چئن سالن ۾ پيڻ جي صاف پاڻي سميت ڪي به بنيادي مسئلا حل ناهن ڪيا.

اتحاد جي اڳواڻن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد باڊهه ۽ نصيرآباد ۾ سولر پلانٽ لڳايو وڃي ته جيئن شھرين کي مٺو پاڻي ملي سگهي, هنن چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏھن فوري طور تي عمل نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.