سڄي دنيا ۾ ڪورونا سبب متاثر مريضن جو انگ پنجانوي لک ڇوويهه هزار کان مٿي ٿي ويو

news

نيويارڪ: (خميس 25 جون 2020ع) سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 4 لک 83 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 95 لک 26 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.

ڪورونا وائرس سبب صحتياب ٿيندڙن جو انگ 51 لک 75 هزار کان وڌيڪ ٿي وئي آهي. سڄي دنيا ۾ ڪورونا سبب متاثر 58 هزار 421 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

آمريڪا ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ هڪ لک 24 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ 24 لک 62 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. برازيل آمريڪا کان پوءِ 11 لک کان وڌيڪ ڪورونا ڪيسن وارو ٻيو ملڪ بڻجي ويو آهي جتي ڪورونا سبب فوتين جو انگ 53 هزار 8 سئو کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڪيسن جو انگ 11 لک 92 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.

روس ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 8 هزار 5 سئو کان مٿي ٿي ويو آهي. روس ۾ ڪورونا سبب متاثر ماڻهن جو انگ 6 لک 6 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.

ڀارت ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 14 هزار 9 سئو کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ  4 لک 72 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. برطانيه ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 43 هزار کان وڌي ويو آهي. جڏهن ته 3 لک 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيا آهن. برطانيه ۾ ڪورونا ٽيسٽ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ ڪورونا مريضن سان ملاقات لاءِ ايندڙن کي آئسوليٽ ڪيو پيو وڃي.

اٽلي ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 34 هزار 6 سئو کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 لک 39 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. اسپين ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 28 هزار  300 کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته گڏيل ڪيسن جو انگ 2 لک 93 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.

پيرو ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 8 هزار چار سئو کان مٿي ٿي وئي آهي جڏهن ته گڏيل ڪيسن جو انگ 2 لک 64 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.