گوگل هاڻ اوهان جي ڪهڙي ڄاڻ پنهنجو پاڻ ختم ڪري ڇڏيندو؟

news

لنڊن: (خميس 25 جون 2020ع)  گوگل هاڻ صارفين جي هڪ سال دوران رڪارڊ ڪيل ڪجهه ڄاڻ خودڪار طريقي سان ختم ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

گوگل جي سربراهه سندريچائي ڪمپني جي سيفٽي اينڊ سيڪيورٽي بلاڪ تي گذريل ڏينهن هڪ مضمون ۾ گوگل جي شين ۾ صارفين جي پرائيويسي ۾ ڪجهه تبديليون آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. گوگل موجب هاڻ صارفين کي ڪمپني طرفان رڪارڊ ڪيل سموري ڄاڻ کي 3 يا 18 مهينن جي دوران خودڪار طريقي سان ڊيليٽ ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.

هن تبديلي کان پوءِ هلندڙ مهيني جي گوگل ڊيفالٽ سيٽنگر کي مينوئل سان ٺاهي خودڪار طريقي يعني آٽو ڊيليٽ تي منتقل ڪيو ويو آهي جنهن جو مطلب هي آهي ته هاڻ صارفين جي ڄاڻ مخصوص وقت کان پوءِ نئين سيٽنگ موجب خودڪار طريقي سان ڊيليٽ ٿي ويندي.

هن ڪنٽرول کان پوءِ به صارفين وٽ مينوئل طريقي سان يعني پنهنجي مرضي سان ڄاڻ ڊيليٽ ڪرڻ جو آپشن موجود رهندو. يعني صارفين گوگل جي رڪارڊ ڪيل ڄاڻ کي هميشه جي لاءِ به رکي سگهن ٿا.