ٽڪ ٽاڪ ڪاروبار ڪندڙن لاءِ نئون پليٽ فارم لانچ ڪري ڇڏيو

news

چين جي مشهور لپ سنڪنگ ايپ ٽا ٽاڪ تازو ئي ڪاروباري ماڻهن لاءِ نئون پليٽ فارم لاچ ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خبرو اداري موجب ٽڪ ٽاڪ اعلان ڪيو هو ته هو مختلف برانڊز جي مشهوري لاءِ ٽڪ ٽاڪ فار بزنس پليٽ فارم لانچ ڪندي.

ٽڪ ٽاڪ فار بزنس جي ان پليٽ فارم تي برانڊز ۽ اشتهار ڏيندڙن کي ٽڪ ٽاڪ ڪميونٽي سان جڙڻ جو موقعو ملندو ۽ هي برانڊز جي اشتهاري مهم لاءِ مناسب شرڪتداري جي ڳولا ۾ به مدد ڏيندو.

ان پليٽ فارم ذريعي اشتهار ٽڪ ٽاڪ ايپ جي مين اسڪرين تي ايندا جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ جي نيوز فيڊ تي موجود وڊيو تي برانڊ بابت هيش ٽيگز ۽ چئلينجز به ايندا.

ان کان علاوه ٽڪ ٽاڪ جلد هڪ نئون لرننگ سينٽر لانچ ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهي آهي جتي مارڪيٽرز ٽڪ ٽاڪ جي اشتهار پيش ڪندڙن جي باري ۾ وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهندا.