نصيرآباد ۾ پرائمري ٽيچر جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

news

نصيرآباد: نصيرآباد پرائمري اسڪول ماستر جي لاءِ 2009 ۾ ورتل ٽيسٽ ۾ پاس ٿيندڙ اميدوارن پاران ڪرپٽ ڪامورن جي ناانصافي ۽ پيسن عيوض نوڪريون وڪرو ڪرڻ خلاف نوجوانن پاران ڳچين ۾ سڪل ماني ٻڌي آفر آرڊرن لاءِ زبردست انوکو احتجاج ڪيو ويو.

سليمان ڪانڌڙو، مختيار لوهر، سهيل چنو ۽ فيض محمد سومرو جي اڳواڻي ۾ پاس ٿيندڙ اميدوارن پاران احتجاج ڪري نصيرآباد پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي مٿين اڳواڻن چيو ته اسان گھربل 60 سيڪڙو کان به مٿي مارڪون کڻي ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود اسان کي آفر آرڊر ڏيڻ بجاءِ لکن عيوض ان وقت جي ڪرپٽ ڪامورن فيل ٿيندڙ کي نوڪريون ڏئي اسان سان ظلم ڪيو ويو، اسان سالن کان سراپا احتجاج  بڻيل آهيون پر هن وقت تائين سنڌ سرڪار سميت ڪنهن به وس واري جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري اسان حڪمرانن کان پڇڻ ٿا گھرون ته آخر اسان جو ڏوهه ڪهڙو آهي، جو اسان کي  آفر آرڊر نه ٿا ڏيو.

اسان پ پ  جي چيئرمين بلاول ڀٽو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان کي آفر آرڊر ڏئي انصاف ڪيو وڃي.