ڀارتي ميوزڪ ڪمپني طرفان عاطف اسلم جو گانو هٽائڻ تي ڀارتي مداح ناراض

news

ممبئي:ڀارت جي مشهور ميوزڪ ڪمپني ”پروڊڪشن“ طرفان پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم جو گانو يوٽيوب تان هٽايوويو جنهن کانپوءِ ڀارت ۾ سوشل ميڊيا تي عاطف جي حق ۾ ٽرينڊ شروع ٿي ويا.

ميوزڪ ڪمپني ٽي سيريز کي هندو انتهاپسن جماعت مهاراشٽر نيونرمن سينا(ايم اين ايس) ڌمڪي ڏني هئي جنهن کانپوءِ ڪمپني عاطف اسلم جو گانو پنهنجي يوٽيوب چينل تان هٽائي ڇڏيو.

ٽي سيريز پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم جو گانو ”ڪنا سونا“ پنهنجي يوٽيوب چينل تي اپلوڊ ڪيو هو جيڪو ڪافي مشهور ٿيو جنهن کانپوءِ هندوانتها پسند تنظيم جلدي ان گاني کي هٽائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.

ان کانپوءِ ڪمپني يوٽيوب چينل تان عاطف اسلم جي گاني کي هٽائڻ سان گڏ هندو انتهاپسند تنظيم کان معافي پڻ ورتي ۽ چيو ته هڪ ملازم غلطي وچان پاڪستاني گلوڪار جو گانو اپلوڊ ڪيو هو.

هاڻ ڀارت ۾ سوشل ميڊيا تي جتي ڪيترائي واهپيدار عاطف اسلم جي گاني کي هٽائڻ تي خوش آهن ته اتي ڪيترائي ماڻهو ان ڳالهه تي ناراض به آهن، انهن عاطف اسلم جي حمايت ۾ ٽرينڊ به هلائڻ شروع ڪيا آهن.