نصيرآباد جي ڪاٺيا محلا نوجوان اتحاد پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

news

نصيرآباد: نصيرآباد ڪاٺيا محلا نوجوان اتحاد پاران، چوٿين  ڏينهن به پاڻي جي  کوٽ خلاف اتحاد جي صدر صوفي غفار چنا، جبار ڳنواس، منصور ڪاٺيو، انور ميراڻي ،ياسر ڪانڌڙو ۽ آصف ڪاٺيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جنهن ۾ سجاڳ شھري اتحاد جي صدر منصور سومرو جنرل سيڪريٽري علي گل ڪانڌڙو، سماجي اڳواڻ اعجاز سومرو، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رفيع لغاري، واپاري اڳواڻ شاھي بازار نصيرآباد جي صدر سائين وزير ڪانڌڙو ۽ شھرين ڀرپور شرڪت ڪئي.

اڳواڻن چيو ته شھري پاڻي لاءِ پريشان آھن پر اسان جا نااهل چونڊيل نمائندن چئن سالن ۾ شھرين کي پاڻي مهيا نه ڪري سگهيا آھن.

هنن اعليٰ اختيارن کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪندي چيو آھي ته نصيرآباد ۽ باڊهه ۾ واٽر سپلائي پاڻي جي بهتر رسائي لاء سولر پلانٽ لڳايو وڃي ته جيئن شھرين کي پاڻي  ملي سگهي.

هنن وڌيڪ چيو ته ٻه سال اڳ تڪ جي ايم پي اي برهان خان چانڊيو اليڪشن مهم دوران شھرين سان واعدو ڪيو هيو ته چونڊجي اچڻ شرط پاڻي سميت سمورا  مسئلا حل ڪنداسين پر ڪنهن به هڪ واعدي تي عمل نه ڪري سگهيو آھي.

اسين هن احتجاج ذريعي لاڳاپيل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کي چتاءُ ٿا ڏيون ته جيڪڏھن پاڻي سميت ٻيا مسئلا حل نہ ٿي سگهيا تہ احتجاج جو دائرو وڌيڪ سخت ۽ وسيع ڪيو ويندو.