سڪرنڊ ويجھو حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

news

سڪرنڊ: سڪرنڊ ويجھو ڳوٺ نيباهو ڀورا جا رھواسي عبالهادي ڪنڀر ۽ صابر حسين ڪنڀر موٽرسائيڪل تي سوار ٿي ڪنھن ڪم سان وڃي رهيا ھئا ته سندن موٽرسائيڪل ۽ نامعلوم ماڻھن جي ڪار جو ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ 13 سالن جو عبد الهادي ڪنڀر موقعي تي فوت ٿي ويو ۽ صابر حسين ڪنڀر سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي تعلقي اسپتال سڪرنڊ پهچايو ويو.