نصيرآباد: سماجي اتحاد طرفان پنجين ڏينهن به پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج،سولر پلانٽ جو مطالبو

news

نصيرآباد(رپورٽ:انور منگي)نصيرآباد سگھاري سماجي اتحاد ڪاٺيا محلا نوجوان اتحاد پاران اڄ پنجين ڏينهن به پاڻي جي  کوٽ خلاف صوفي غفار چنا، جبار ڳنواس، منصور ڪاٺيو، علي رضا لاکو, انور ميراڻي استاد سجاد چنہ، ياسر ڪانڌڙو،حفيظ تنيو، غلام نبي ڪنڀر، بابر جلباڻي عامر بليدي ۽ آصف ڪاٺيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ سجاڳ شھري اتحاد جي صدر منصور سومري ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته چار سالن ۾ چيئرمين,وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن شھر۾ پاڻي جو اهم مسئلو به حل نه ڪري سگهيا آھن، هرمهيني ٽائون ڪميٽي جي مجموعي طور تي ٻه ڪروڙ بجيٽ اچي پئي پرافسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ٻه سال اڳ جنريٽر لاء آيل 80 لک ڪائونسل ملي ڀڳت هڙپ ڪري انگ اکر ڪاگزي ڪاروائي تائين محدود ڪري ڇڏيا.

 هنن چيو ته ٽائون ۾ ويٺل مخالف ڌر جي ڪائونسلرن ۾ ٿوري به اخلاقي جرت هجي هان ته هو شھر جي هن اهم مسئلي تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي جنريٽر يا سولر پلانٽ لڳرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪن ها يا ڪاٺيا محلا نوجوان اتحاد پاران مسلسل احتجاج تحريڪ جي حمايت ڪندي شرڪت ڪن ها پر هي سڀ هڪ سڪي جا ٻه پاسا آھن، سڀ ملي ڀڳت ڪري شھر جي بجيٽ ۾ حصيدار آھن.

 هنن اعلي اختيارن کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪندي چيو آھي ته نصيرآباد ۽ باڊھ ۾ واٽر سپلائي پاڻي جي بهتر رسائي لاءِ سولر پلانٽ لڳايو وڃي ته جيئن شھرين کي پاڻي ملي سگهي.